سيد مراد علي شاهه

سيد مراد علي شاهه

سيد مراد علي شاهه

سيد مراد علي شاهه: مشهور سياستدان ۽ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، 8 نومبر 1962ع تي ڪراچيءَ ۾، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير، سيد عبدالله شاهه جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سيد مراد علي شاهه، اسٽينڊفورڊ يونيورسٽي، ڪيليفورنيا مان 1993ع ۾ اڪانامڪ سسٽم ۾ ايم. ايس. سي ڪئي. هن انجنيئر جي حيثيت سان عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. سيد مراد علي شاهه 1986ع ۾ حيدرآباد ڊيولپمينٽ اٿارٽيءَ ۾ اسسٽنٽ انجنيئر رهيو. ان بعد يعني 1986ع کان وٺي 1989ع تائين وفاقي حڪومت جي بجلي کاتي جو جونيئر انجنيئر رهيو. 1990ع ۾ پورٽ قاسم اٿارٽيءَ ۾ ايگزيڪيوٽو انجنيئر رهيو.
سيد مراد علي شاهه جي سياسي تربيت سندس والد سيد عبدالله شاهه ڪئي. 2002ع وارين چونڊن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ 2008ع وارين چونڊن ۾ ٻيو ڀيرو ايم. پي. اي چونڊجڻ بعد ناڻي، روينيو ۽ آبپاشي کاتن جو وزير رهيو.
2013ع جي چونڊن ۾ ڪاميابيءَ بعد ٻٽي شهريت جي بنياد تي سندس ميمبرشپ سپريم ڪورٽ ختم ڪئي، پر سندس لياقت کي ڏسي کيس سنڌ حڪومت ۾ وڏي وزير جو ناڻي کاتي بابت صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي.
نوٽ: سيد مراد علي شاهه پهريون ڀيرو29 جولاءِ 2016ع کان 28 مئي 2018ع تائين سنڌ جو وزيراعليٰ رهيو. سيد مراد علي شاهه ٻيو ڀيرو 18 آگسٽ 2018ع کان تاحال سنڌ جو وزيراعليٰ آهي.


لفظ سيد مراد علي شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.11.08  عيسوي

مشهور سياستدان ۽ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، 8 نومبر 1962ع تي ڪراچيءَ ۾، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير، سيد عبدالله شاهه جي گهر ۾ پيدا ٿيو.


2016.07.29  عيسوي

سيد مراد علي شاهه پهريون ڀيرو29 جولاءِ 2016ع کان 28 مئي 2018ع تائين سنڌ جو وزيراعليٰ رهيو.


2018.08.18  عيسوي

سيد مراد علي شاهه ٻيو ڀيرو 18 آگسٽ 2018ع کان تاحال سنڌ جو وزيراعليٰ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڪمال راهمون ڊاڪٽر
محمد يوسف سڪندري ڀنڀرو
بيدار مورائي
پير شيخ جيئو
ڪشنداس چندرا آڏواڻي
رائيٽ ڀائر
خلف بن محمد ديبلي
جوکيوعبدالمجيد بکري
ثريا ملتانيڪر
آڏواڻي ھيرانند شوقي رام
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون